تورپيو مسڻ

تورپيو مسڻ: تورپيو مسڻ ڳوٺ حاڪم ڏيپر تعلقي وارهه جو رهاڪو هو. ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ ۾ حاصل ڪيائين. هو عربي، فارسي ۽ سنڌي زبانن جو ڄاڻو هو. ننڍي هوندي کان ئي شعر گوئيءَ جو شوق رکندو هو ۽ شاعريءَ ۾ تور ۽ تورپيو تخلص ڪم آڻيندو هو. چيو وڃي ٿو ته هو ننڍي هوندي ٻڪريون چاريندو هو، هڪ ڏينهن ڪنهن وڻ هيٺان ستو پيو هو ته خواب ۾ ڪنهن بزرگ چيس ته اٿي بيت چئه انهيءَ ڏينهن کان هن شاعريءَ جي ابتدا ڪئي. تورپيي مسڻ ڪيترائي ڪلام چيا آهن. سندس ڪلام بيتن، ڪافين، ٽيهه اکرين، مولودن ۽ ڏوهيڙن تي مشتمل آهي. سندس وفات 1927ع ڌاري ٿي .


لفظ تورپيو مسڻھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1927.00.00  عيسوي

تورپيو مسڻ 1927ع ڌاري ڪئي .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڏاهري رضا محمد
حاتم طائي
امام بخاري
راجا ڪنشڪ
آغا شمشاد مغل
شميم ميمڻ
سندر بوٽاڻي
الهڏنو مهر
جارج واشنگٽن
ڊومنڪ اسٽيفن
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون